رضوي، سيد امداد علي شاهه

رضوي، سيد امداد علي شاهه

رضوي سيد امداد علي شاهه

رضوي، سيد امداد علي شاهه: سيد امداد علي شاهه رضوي سنڌي مرثيه نويسيءَ جي باني سيد ثابت علي شاهه ڪربلائيءَ جي اولاد مان ٿي گذريو آهي. سيد امداد علي شاهه، حيدرآباد ۾ ميرن جي قبن وٽ، رضوي محلي ۾ 1870ع ۾ پيدا ٿيو. سندس والد جو نالو سيد ثابت علي شاهه (ثاني) هو. هن قرآن ۽ فارسيءَ جي تعليم پنهنجي والد کان حاصل ڪئي، وڌيڪ تعليم لاءِ پگٽ ميموريل مشنري اسڪول ۾ داخلا ورتائين. تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ حيدرآباد جيل جو جيلر مقرر ٿيو. جيل کاتي ۾ کانئس اڳ صرف مرهٽا ۽ سِک جيلر مقرر ڪيا ويندا هئا. سيد امداد کي پهرئين سنڌي جيلر هجڻ جو اعزاز حاصل آهي. کيس ’راڻي وڪٽوريه گولڊ ميڊل‘ پڻ مليو هو. علم، ادب ۽ شاعري کيس ورثي ۾ ملي هئي. ان کانسواءِ روحاني علمن ۽ تعويذن ۾ به ماهر هو. جيل کاتي مان رٽائر ٿيڻ کانپوءِ سڄي زندگي عام ماڻهن کي روحاني فيض ڏيڻ ۾ بسر ڪيائين. ميرن جي قبن واري هنڌ وڏي پيماني تي مجلسون ڪرائيندو هو. هز هائينس مير محمد حسن علي خان ٽالپر، هز هائينس مير نور محمد خان ٽالپر، مرزا قليچ بيگ، مرزا عباس علي بيگ، مرزا علي نواز بيگ ۽ دادن شاهه جهانيان سان گهرا واسطا هئس.
هن 22 سيپٽمبر 1966ع تي 96 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪئي. کيس اباڻي قبرستان، ميرن جي قبن جي ڀر ۾ دفنايو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1966.09.22  عيسوي

هن 22 سيپٽمبر 1966ع تي 96 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪئي. کيس اباڻي قبرستان، ميرن جي قبن جي ڀر ۾ دفنايو ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

فاروق سولنگي
پاٽائي شيخ جندالله
سيد محمد وريل شاهه سبزواري
حڪيم مخدوم محمد مراد صديقي
سرفراز ڪلهوڙو
پير محمود الحسن جان سرهندي
آنند هندوجا
اسلم تنيو
عثمان عباسي مخدوم
احمد خان چانڊيو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون